Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









ad-Dhuha Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
93:1مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي
93:2۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن ڍَڪي ٿي
93:3تہ (اي پيغمبر!) تنھنجي پالڻھار تو کي نہ ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو
93:4۽ بيشڪ آخرت تو لاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي
93:5۽ تنھنجو پالڻھار تو کي سگھوئي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين
93:6تو کي يتيم نہ ڏٺائين ڇا؟ پوءِ (تو کي) جاءِ ڏنائين
93:7۽ تو کي ناواقف ڏٺائين، پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين
93:8۽ تو کي مسڪين ڏٺائين، پوءِ آسودو ڪيائين
93:9تنھنڪري يتيم تي (تون) ڏاڍ نہ ڪر
93:10۽ سواليءَ کي نہ جھڻڪ
93:11۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ



Share this Surah Translation on Facebook...