85:1 | بُرجن واري آسمان جو قسم آھي | 85:2 | ۽ وعدي ڪيل ڏينھن (قيامت) جو قسم آھي | 85:3 | ۽ شاھد ۽ جنھن تي شاھدي ڏني وڃي، تنھن جو قسم آھي | 85:4 | تہ کاھين وارا ماريا وڃن (شال) | 85:5 | گھڻي ٻَل واري باھ وارا | 85:6 | جڏھن اُھي اُنھيءَ (باھ جي کاھين) تي ويٺل ھئا | 85:7 | ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو، تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھئا | 85:8 | ۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نہ ٿي ورتو تہ انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو | 85:9 | جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شئي جي خبر رکندڙ آھي | 85:10 | بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو، وري توبھ نہ ڪيائون، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ ساڙيندڙ عذاب (بہ) آھي | 85:11 | بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن، جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي ڪاميابي آھي | 85:12 | بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو پڪڙڻ بلڪل سخت آھي | 85:13 | بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو | 85:14 | ۽ اُھوئي بخشڻھار گھڻي مھر ڪندڙ آھي | 85:15 | (جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي | 85:16 | جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي | 85:17 | تو وٽ لشڪرن جي خبر (نہ) آئي آھي ڇا؟ | 85:18 | (يعني) فرعون ۽ ثمود جي | 85:19 | بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن | 85:20 | ۽ الله سندن چئوڦير گھيرو ڪندڙ آھي | 85:21 | بلڪ ھيءُ سڳورو قرآن آھي | 85:22 | حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي |
Share this Surah Translation on Facebook...
|