83:1 | (تور ۽ ماپ) اُنھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي |
83:2 | جي جڏھن (پاڻ ۾) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن، تہ بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن |
83:3 | ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (تڏھن) گھٽائي ڏيندا آھن |
83:4 | اِھي يقين نہ ٿا ڪن ڇا تہ کين (ضرور) اُٿاربو؟ |
83:5 | اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ |
83:6 | جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان اُٿي بيھندا |
83:7 | سچ آھي تہ بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي |
83:8 | ۽ ڪنھن سمجھايئي تہ سجين ڇا آھي؟ |
83:9 | ھڪ لکيل دفتر آھي |
83:10 | اُن ڏينھن (اُنھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي |
83:11 | جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن |
83:12 | ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نہ ڀانئيندو |
83:13 | جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) چوندو آھي تہ (اِھي) اڳين جون آکاڻيون آھن |
83:14 | ايئن بلڪل نہ آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھئا، تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي وئي آھي |
83:15 | ايئن نہ آھي، پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھيءَ ڏينھن روڪيل ھوندا |
83:16 | وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ (پرٻاھرو) گھڙڻ وارا ھوندا |
83:17 | وري چئبن تہ ھيءُ اُھو دوزخ آھي، جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ |
83:18 | سچ آھي تہ بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلِّيّين ۾ آھي |
83:19 | ۽ ڪنھن سمجھايئي تہ عِلِّيّين ڇا آھي؟ |
83:20 | ھڪ لکيل دفتر آھي |
83:21 | اُن وٽ (الله جا) مقرب (ملائڪ) حاضر رھندا آھن |
83:22 | بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمتن ۾ ھوندا |
83:23 | پلنگن تي ويھي نظارو پيا ڪندا |
83:24 | (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين |
83:25 | مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن |
83:26 | جنھن جي مُھر مشڪ جي ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي تہ اُنھيءَ ۾ شوق رکن |
83:27 | ان جي ملاوت تَسنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي |
83:28 | جو ھڪ چشمو آھي، جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا |
83:29 | بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھئا |
83:30 | ۽ جڏھن وٽانئن لنگھندا ھئا، تڏھن (مؤمنن تي حقارت ڪري) ھڪ ٻئي کي ميڇون ڏيندا ھئا |
83:31 | ۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھئا (تڏھن) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھئا |
83:32 | ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھئا (تڏھن) چوندا ھئا تہ بيشڪ اُھي گمراھ آھن |
83:33 | ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نہ موڪليا ويا ھئا |
83:34 | تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا |
83:35 | پلنگن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا |
83:36 | (۽ چون ٿا) تہ ڪافرن کي اُنھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھئا |