Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









`Abasa Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
80:1منھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين
80:2ھن ڪري جو وٽس نابين آيو
80:3۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا
80:4يا نصيحت ٻڌي ھا، پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا
80:5پر جنھن بي پرواھي ڪئي
80:6پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين
80:7ھن ۾ تو تي (ڪا ميار) ڪانھي تہ اُھو نہ سُڌري
80:8۽ پر جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو
80:9۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄندو آھي
80:10پوءِ تنھن کان تون غافل ٿئين ٿو
80:11ايئن نہ آھي، بيشڪ اِھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي
80:12پوءِ جيڪو گھُري سو ان (قرآن) کي ياد ڪري
80:13(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ (لکيل) آھن
80:14جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن
80:15لکندڙن جي ھٿن ۾
80:16جي سڳورا ڀلارا آھن
80:17مار پئي انسان تي! جو ڪھڙو نہ بي شُڪر آھي!
80:18(ڌيان ڪري تہ الله) ڪھڙي شئي مان پيدا ڪيس
80:19منيءَ جي ھڪ ٽيپي مان، خلقيائينس، پوءِ (وڏي ٿيڻ جو) اندازو مقرر ڪيائينس
80:20وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس
80:21وري ماريائينس، پوءِ قبر ۾ رکايائينس
80:22وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو
80:23ايئن نہ آھي، جيڪي فرمايائينس سو پورو نہ ڪيائين
80:24پوءِ جڳائي تہ ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي
80:25تہ اسان پاڻيءَ کي چڱيءَ طرح (آسمان کان) پلٽيو
80:26وري زمين کي پوريءَ طرح چيريوسون
80:27پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون
80:28۽ انگور ۽ ترڪاريون
80:29۽ زيتون ۽ کجيون
80:30۽ گھاٽا باغ
80:31۽ ميوو ۽ (وھٽن جو) گاھ (بہ)
80:32اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ
80:33پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي
80:34اُنھيءَ ڏينھن ماڻھو پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو
80:35۽ (پڻ) پنھنجيءَ ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان
80:36۽ پنھنجيءَ گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو
80:37اُنھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي
80:38ڪيترائي مُنھن اُن ڏينھن روشن ھوندا
80:39کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا
80:40۽ ڪيترائي مُنھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي
80:41جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي
80:42اِھي ئي مُنڪر بدڪار آھن



Share this Surah Translation on Facebook...