78:1 | ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ |
78:2 | (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت |
78:3 | جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن |
78:4 | ايئن (سندن خيالن وانگر) نہ آھي، سگھوئي ڄاڻندا |
78:5 | وري بہ (چئون ٿا) تہ ايئن نہ آھي، سگھوئي ڄاڻندا |
78:6 | زمين کي وڇاڻو نہ ڪيو اٿئون ڇا؟ |
78:7 | ۽ جبلن کي ميخون؟ |
78:8 | ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون |
78:9 | ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون |
78:10 | ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون |
78:11 | ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون |
78:12 | ۽ اوھان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بڻاياسون |
78:13 | ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون |
78:14 | ۽ ڪڪرن مان ريلا ڪري وھندڙ پاڻي وسايوسون |
78:15 | تہ اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون |
78:16 | ۽ گھاٽاباغ (بہ) |
78:17 | (اِھا قدرت ڏسي سمجھندا نہ آھن تہ) بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي |
78:18 | جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن اوھين) ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ |
78:19 | ۽ آسمان کولبو، پوءِ (اھو) دروازا ٿي پوندو |
78:20 | ۽ جبل (دز ڪري) ھلائبا، پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا |
78:21 | بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي |
78:22 | جو ھٺيلن جو (اھوئي) رھڻ جو ھنڌ آھي |
78:23 | منجھس ڪيئي (زمانا) ڊگھيون مُدتون رھندا |
78:24 | اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شئي چکندا |
78:25 | تتي پاڻيءَ ۽ روڳ کانسواءِ |
78:26 | (اِھو سندن) پورو پورو بدلو آھي |
78:27 | ڇو تہ اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نہ رکندا ھئا |
78:28 | ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھئا |
78:29 | ۽ سڀ شئي کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿئون |
78:30 | پوءِ (چئبن تہ اِھا سزا) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (بہ) نہ وڌائينداسون |
78:31 | بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي |
78:32 | جو باغ ۽ انگور |
78:33 | ۽ ھم عمر نوجوان زالون |
78:34 | ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (ھوندا) |
78:35 | اہتي نہ ڪا اجائي بڪ ۽ نہ ڪو ڪوڙ ٻڌندا |
78:36 | (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي |
78:37 | جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي، تن جو بہ ٻاجھارو پالڻھار آھي، اُن (جي ھيبت) کان ڪوبہ ورندي ڏئي نہ سگھندو |
78:38 | جنھن ڏينھن روح (جبريل) ۽ (سڀيئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا، (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ صحيح ڳالھ ڳالھائي ھوندائين، تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي بہ) نہ ڳالھائيندا |
78:39 | اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي |
78:40 | بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن ماڻھو اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ھو ۽ ڪافر چوندو تہ ھاءِ ارمان! جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا (تہ چڱو) |