70:1 | ھڪ سوال ڪندڙ پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو |
70:2 | ڪافرن تي جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نہ آھي |
70:3 | جو وڏن مرتبن (ڏيڻ) واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي |
70:4 | جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيہ آھي، تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن (ڪافرن تي عذاب لاھڻ لاءِ) چڙھندا |
70:5 | تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر |
70:6 | ڇو تہ ڪافر اُنھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا |
70:7 | ۽ (اسين) اُن کي ويجھو ٿا ڏسون |
70:8 | جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو |
70:9 | ۽ جبل پڃيل اُن وانگر ٿيندا |
70:10 | ۽ ڪو ويجھو (مائٽ) ڪنھن ٻئي ويجھي (مائٽ) کان نہ پڇندو |
70:11 | (توڙي جو) اُھي اُنھن کي ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو تہ جيڪر ان ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا (پيارا) پُٽ بدلو ڏئي |
70:12 | ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (بہ) |
70:13 | ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (بہ) جنھن کيس (دنيا ۾) ٽڪايو ٿي |
70:14 | ۽ اُھو (بہ) جيڪي سڀئي (سامان) زمين ۾ آھي پوءِ سندس اُھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس |
70:15 | ايئن نہ آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) ھڪ (اُلانبن ھڻڻ واري) باھ آھي |
70:16 | (مَٿي جي) کَلَ کي ڇڪيندڙ آھي |
70:17 | جيڪو (الله کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي (اُھا) سڏي ٿي |
70:18 | ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين |
70:19 | بيشڪ انسان حرص وارو پيدا ٿيل آھي |
70:20 | جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (تڏھن) دانھون ڪندو آھي |
70:21 | ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (تڏھن) ڪنجوس ٿيندو آھي |
70:22 | پر (اُھي) نمازي (نہ) |
70:23 | جيڪي پنھنجيءَ نماز تي ھميشگي ڪندا آھن |
70:24 | ۽ اُھي (بہ) جن جي مالن ۾ (الله جو) حصو مقرر ٿيل آھي |
70:25 | گھرندڙ ۽ نہ گھرندڙ محتاج لاءِ |
70:26 | ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن |
70:27 | ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن |
70:28 | بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نہ سگھبو |
70:29 | ۽ اُھي جيڪي پنھنجن اگھڙن جي حفاظت ڪرڻ وارا آھن |
70:30 | پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ (ٻين لاءِ) جو (اُنھن ڏانھن وڃڻ ۾) اُھي ملامت وارا نہ آھن |
70:31 | پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن |
70:32 | ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن |
70:33 | ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن |
70:34 | ۽ اُھي جيڪي پنھنجيءَ نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن |
70:35 | اِھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا |
70:36 | پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو تو ڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن؟ |
70:37 | سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي |
70:38 | منجھانئن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟ |
70:39 | ايئن نہ آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي، جنھنجي خبر اٿن |
70:40 | پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو تہ بيشڪ اسين وسوارا آھيون |
70:41 | ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نہ آھيون |
70:42 | پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو |
70:43 | جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ تہ اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا |
70:44 | (اُن وقت) سندن اکيون جھڪيون ھونديون، انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي، جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو |