Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









al-Waqi`ah Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
56:1جڏھن قيامت ايندي
56:2جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نہ آھي
56:3(ڪن کي) جھڪي ڪرڻ واري ۽ (ڪن کي) مٿاھين ڪرڻ واري
56:4جڏھن زمين سخت ڌوڏي (سان) ڌوڏبي
56:5۽ جبل پوريءَ طرح ڀڃي ڀورا ڪيا ويندا
56:6پوءِ اُڏاريل دز وانگر ٿيندا
56:7۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ
56:8پوءِ (ھڪڙا نيڪ بخت) سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا تہ چڱا ھوندا!
56:9۽ (ٻيا بدبخت) کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (تہ) بدحال ھوندا
56:10۽ (نيڪين ۾) اڳرائيءَ ڪرڻ وارا (تہ ٺيٺ) اڳرائي وارا آھن
56:11اِھي (ئي) مقرب آھن
56:12نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا
56:13گھڻا پھرين مان
56:14۽ ٿورا پوين مان
56:15(سون سان) واڻيل پلنگن تي
56:16ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا
56:17ھميشہ (نئين ننڍي) رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ڦرندا رھندا
56:18پيالن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالن (سان)
56:19(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ٿيندا
56:20۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جنھن (جنس) مان پسند ڪندا (تنھن مان پيا آڻيندن)
56:21۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پاڻ) گھرندا (تنھن سان نينگر سدائين مٿن پيا ايندا ويندا)
56:22۽ وڏين اکين وارون حورون
56:23ڄڻڪ ڍڪيل موتين جھڙيون
56:24جيڪي ڪمايو ھئائون تنھنجي بدلي ۾ (اِھو ڏبن)
56:25اُتي نہ ڪا اجائي بَڪ نہ ڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا
56:26پر (ھي ٻڌندا جو) ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو
56:27۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا
56:28لاسڙين (بنا ڪنڊي) ٻيرين ۾
56:29۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن (جي وڻن) ۾
56:30۽ ڊگھن پاڇن ۾
56:31۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻيءَ ۾
56:32۽ گھڻن ميون ۾
56:33(جو) نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کانئن) جھلبا
56:34۽ اُچا وڇاڻا (جن تي ھو ھوندا)
56:35بيشڪ اسان حورن کي ھڪ (خاص) نموني تي پيدا ڪيو آھي
56:36پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون
56:37مڙسن کي وڻندڙيون ھڪ جيڏيون
56:38(نيڪ بختن) سڄي پاسي وارن لاءِ
56:39گھڻي جماعت پھرين مان
56:40گھڻي جماعت پوين مان
56:41۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا تہ بدحال ھوندا!
56:42ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا
56:43۽ (اھڙي) ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ رھندا
56:44(جو) نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي وڻندڙ
56:45بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پليل ھئا
56:46۽ وڏي گناھ (يعني شرڪ) تي ضد ڪندا ھئا
56:47۽ چوندا ھئا تہ، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
56:48يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا (بہ اُٿاربا ڇا)؟
56:49(اي پيغمبر)! چئو تہ بيشڪ اڳيان ۽ پويان
56:50ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا
56:51وري بيشڪ اوھين اي گمراھؤ، ڪوڙ ڀانئيندڙؤ!
56:52ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ
56:53پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ
56:54پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ
56:55پوءِ اُڃايلن اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ
56:56قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي
56:57اسان اوھان کي پيدا ڪيو، پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇو نہ سچ ڀائيندا آھيو؟
56:58ڀلا ڏسو تہ سھي تہ جيڪا ٽيپو (زالن جي ڳھڻين ۾) ڪيرائيندا آھيو
56:59تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
56:60اسان اوھان ۾ موت (اندازر سان) مقرر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نہ آھيون
56:61(ٻين) اوھان جھڙن جي مٽائي آڻڻ تي ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون، جنھن کي ڄاڻندا ئي نہ ھجو
56:62۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ، پوءِ ڇو نہ ٿا نصيحت وٺو؟
56:63ڏسو تہ سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو
56:64سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا؟ يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
56:65جيڪڏھن گھُرون تہ اُن کي ناس ڪري ڇڏيون، پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو
56:66(۽ پيا چئو) تہ بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پوڻ وارا آھيون
56:67بلڪ اسين بي نصيب آھيون
56:68ڀلا ڏسو تہ سھي تہ جيڪو پاڻي پيئندا آھيو
56:69اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
56:70جيڪڏھن گھُرون تہ اُن کي کارو ڪري ڇڏيون، پوءِ ڇو نہ شڪرانو ڪندا آھيو؟
56:71ڀلا ڏسو تہ سھي تہ جا باھ (وڻ جي ٽاريءَ مان) ٻاريندا آھيو
56:72تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھي ڇا، يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون؟
56:73اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي
56:74تنھنڪري پنھنجي پالڻھار جي وڏي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر
56:75پوءِ تارن جي لھڻ جي جاين جو قسم کڻان ٿو
56:76۽ جيڪڏھن ڄاڻو تہ بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي
56:77بيشڪ اھو (ڪتاب) سڳورو قرآن آھي
56:78سانڀيل ڪتاب ۾ (لکيل) آھي
56:79پاڪائي وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نہ لائيندو آھي
56:80جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي
56:81پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ انڪار ڪرڻ وارا آھيو ڇا؟
56:82۽ اوھين (اُن مان) پنھنجو حصو (ھيءُ) بڻائيندا آھيو جو اوھين (اُن کي) ڪوڙ ٿا ڀانيو
56:83پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نڙگھٽ وٽ پھچي
56:84۽ اوھين اُنھيءَ مھل پيا ڏسو
56:85۽ اسين اوھان جي بنسبت ڏانھنس تمام ويجھا آھيون، پر اوھين نہ ڏسندا آھيو
56:86پوءِ جيڪڏھن (اوھين الله جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نہ آھيو
56:87تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ان (روح) کي (ڇو نہ ٿا) موٽايو؟
56:88پر جيڪڏھن (مئل، الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو
56:89تہ اُن لاءِ خوشي ۽ خوشبوءِ ۽ نعمت وارو باغ آھي
56:90۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو
56:91تہ (چئبس اي ٻڌڻ وارا) سڄي پاسي وارن مان، تو کي سلامتي آھي
56:92۽ پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو
56:93تہ (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني آھي
56:94۽ (اُن کي) دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي
56:95بيشڪ ھيءَ خبر پوري يقيني آھي
56:96تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر



Share this Surah Translation on Facebook...