Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









ar-Rahman Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
55:1ٻاجھاري (الله)
55:2قرآن سيکاريو
55:3ماڻھو کي پيدا ڪيائين
55:4اُن کي چٽو ڳالھائڻ سيکاريائين
55:5سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن
55:6۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن
55:7۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين
55:8ھن لاءِ تہ تور ۾ حد کان نہ لنگھو
55:9۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نہ ڪريو
55:10ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين
55:11منجھس (ھر جنس جو) ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن
55:12۽ بُھ وارو اَن ۽ خوشبودار ٻوٽا (بہ اُن ۾) آھن
55:13پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:14ماڻھوءَ کي ٺڪريءَ جھڙيءَ (سنھڙي سڪيءَ) وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايائين
55:15۽ جنّ کي باھ جي اُلانبي مان بڻايائين
55:16پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:17جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي
55:18پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:19ٻن دريائن (کاري ۽ مٺي) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن
55:20اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نہ ڪندا آھن
55:21پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:22انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن
55:23پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:24۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُونچا اُنھيءَ (الله) جا آھن
55:25پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:26جيڪو بہ زمين تي آھي، سو سڀ فنا ٿيندو
55:27۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ھڪ ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي
55:28پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:29جيڪو بہ آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو (پنھنجي مخلوق جي ٻئي ٻئي) ڪم ۾ آھي
55:30پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:31اي جنؤ ۽ ماڻھؤ اسين واندا ٿي جلد (حساب ڪتاب لاءِ) اوھان ڏانھن متوجھ ٿينداسون
55:32پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:33اي جنن ۽ ماڻھن جا جٿؤ! جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو تہ نڪرو، وڏيءَ ھمت کانسواءِ ٻيءَ طرح ٻاھر نڪري نہ سگھندؤ (جا اوھان ۾ آھي ئي ڪانہ)
55:34پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:35اوھان تي باھ جو اُلانبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نہ سگھندؤ
55:36پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:37پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن ڳاڙھيءَ چمڙيءَ وانگر گلابي ٿيندو
55:38پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:39پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا
55:40پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:41ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا، ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا
55:42پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:43(چئبو تہ) ھيءُ اُھو دوزخ آھي، جنھن کي گنھگارن ڪوڙو ڀانيو ھو
55:44انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا
55:45پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:46جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو، تنھن لاءِ ٻہ باغ آھن
55:47پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:48ٻئي باغ ساين ٽارين وارا (گھاٽا) آھن
55:49پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:50اُنھن (ٻن باغن) ۾ ٻہ چشما وھن ٿا
55:51پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:52انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻہ ٻہ جنسون آھن
55:53پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:54اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا، جنھن جو استر استبرق پَٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو
55:55پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:56ٻنھي (باغن جي ماڙين) ۾ ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حيادار حُورون) ھونديون، جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھوءَ ۽ نڪي ڪنھن جن ڇھيو آھي
55:57پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:58اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن
55:59پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:60چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو نہ آھي
55:61پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:62اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻہ باغ بہ آھن
55:63پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:64ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن
55:65پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:66اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻہ چشما ھوندا
55:67پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:68اِنھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا
55:69پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:70اِنھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون
55:71پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:72حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون
55:73پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:74اُنھن کي اُنھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ڪنھين ماڻھوءَ ۽ نڪي ڪنھين جن ڇھيو آھي
55:75پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:76ساون وھاڻن ۽ سھڻن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا
55:77پوءِ (اي جنؤ ۽ ماڻھؤ!) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
55:78تنھنجي پالڻھار عزت واري ۽ نعمتن واري جو نالو وڏيءَ برڪت وارو آھي



Share this Surah Translation on Facebook...