Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









an-Najm Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
53:1ستاري جو قسم آھي جڏھن لٿو
53:2تہ اوھان جو (ھيءُ) سنگتي (يعني محمد ﷺ) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو
53:3۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي
53:4ھيءُ (قرآن ٻيو) نہ آھي، سواءِ وحي جي جو ڏانھنس موڪليو ويندو آھي
53:5اُن کي ڏاڍيءَ سگھ واري سيکاريو آھي
53:6جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سڌو بيٺو
53:7۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو
53:8وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو
53:9پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان بہ) تمام ويجھو ھو
53:10پوءِ ان (الله) جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين، جيڪي پھچايائين
53:11جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نہ ڄاتو
53:12جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي، تنھن ۾ اُن سان ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟
53:13۽ بيشڪ اِنھيءَ (ملائڪ) کي (اُنھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھئائين
53:14سدرة المنتھىٰ (وڏيءَ ٻير) وٽ
53:15اُن (سدرة المنتھىٰ) وٽ رھڻ وارو باغ آھي
53:16(ملائڪ کي اُنھيءَ مھل ڏٺائين)، جنھن مھل ٻير کي اُنھيءَ ٿي ڍڪيو، جنھن ڍڪيو ٿي
53:17(پيغمبر جي) اک نہ ڪي ٿڙي ۽ نہ ڪي حد کان لنگھي
53:18بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين
53:19لات ۽ عُزىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
53:20۽ پوئين ٽين منات کي بہ؟ (جو اِھي بت الله بڻي نہ سگھندا آھن)
53:21اوھان لاءِ پٽ آھن ڇا ۽ الله لاءِ ڌيئرون؟
53:22اِھا (ورھاست) اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ واري ورھاست آھي
53:23اِھي (سڀ) رڳا نالا آھن، جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پين ڏاڏن مقرر ڪيا آھن، الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نہ ڪيو آھي (ھيءُ رڳو) گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن، (تنھن تي بہ)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي
53:24ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
53:25پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيءُ جَڳ الله جو آھي
53:26۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو بہ نفعو نہ ڪندي، پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي
53:27بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن
53:28۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نہ آھي، رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ بہ نفعو نہ ڏيندو آھي
53:29پوءِ (اي پيغمبر!) اُنھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نہ گھريائين
53:30اِھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو، تنھنکي (بہ) اُھو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
53:31۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي تہ جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون، تن کي ڀلائيءَ جو (جوڳو) بدلو ڏئي
53:32جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجن مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئو، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نہ ساراھيو، الله اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو پرھيزگار ٿيو
53:33(اي پيغمبر) پوءِ ان کي نہ ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو ڦريو؟
53:34۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو
53:35وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي؟
53:36اُنھيءَ جي خبر کيس نہ ڏني ويئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي؟
53:37۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي)، جنھن (الله جي حقن کي) پورو ڪيو
53:38(ھيءُ حڪم) تہ ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نہ کڻندو
53:39۽ تہ ماڻھوءَ کي رڳو اُھا ئي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين
53:40۽ تہ سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي
53:41وري کيس تمام پورو بدلو (اُنھيءَ ڪمائيءَ موجب) ڏنو ويندو
53:42۽ تہ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي
53:43۽ تہ اُن ئي کلايو ۽ رئاڙيو
53:44۽ تہ اُن ماريو ۽ جياريو
53:45۽ تہ اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو
53:46منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان، جڏھن (ڳھڻ ۾) ھاريو وڃي
53:47۽ تہ اُن تي ئي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ آھي
53:48۽ تہ اُن ئي آسودو ڪيو ۽ مالدار بڻايو
53:49۽ تہ اُھو ئي شعرىٰ تاري جو پالڻھار آھي
53:50۽ تہ اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو
53:51۽ ثمود کي (بہ) پوءِ اُنھن مان (ڪنھين کي) باقي نہ ڇڏيائين
53:52۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي بہ ھلاڪ ڪيائين، ڇو تہ اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھئا
53:53۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين
53:54پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو (يعني پھڻن جو مينھن وسايائين)
53:55پوءِ (اي انسانو!) پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ ٿو شڪ ڪرين
53:56ھيءُ (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي
53:57ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آئي
53:58اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي
53:59ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
53:60۽ کلندا آھيو ۽ نہ رئندا آھيو
53:61۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو
53:62پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو



Share this Surah Translation on Facebook...