Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









Sad Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
38:1صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (تہ جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو, سو سچ آھي)
38:2بلڪ ڪافر وڏائيءَ ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن
38:3کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون، پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نہ ھو
38:4۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو تہ عجب ڪرڻ لڳا ۽ (اھي) ڪافر چوڻ لڳا تہ، ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي
38:5ڀلا (ڏسو تہ) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھيءَ ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي
38:6۽ منجھانئن (سکرن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي تہ ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي پڪا رھو، بيشڪ ھن (نئين دين ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي
38:7اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نہ ٻڌي سون، ھيءُ تہ رڳو ٺاھ آھي
38:8اسان مڙني جي وچان مٿس ئي قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھي (ڪافر) منھنجيءَ نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن (نہ!) بلڪ اڃان منھنجو عذاب نہ چکيو اٿن
38:9تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟
38:10آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھن جي بادشاھي اُنھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) تہ جڳائي تہ رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن
38:11شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي
38:12اِنھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون (نبين کي) ڪوڙو ڄاتو
38:13۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن بہ (کين ڪوڙ ڀانيو)
38:14اِھي ٽوليون (جيڪي بہ ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو، تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي
38:15۽ ھي (ھن وقت جا ڪافر بہ) رڳو ھڪ سخت آواز جا منتظر رھندا آھن، جنھن کي ڪا ساھي نہ ھوندي
38:16۽ (ٺـٺوليءَ طرح) چوندا آھن تہ اي اسان جا پالڻھار! حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جو ڀاڱو اسان کي جلد ڏي
38:17(اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن، تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي دائود کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو
38:18بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھيءَ ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھئا
38:19۽ گڏ ڪيل پکين کي بہ (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو
38:20۽ سندس بادشاھيءَ کي مضبوط ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي تدبير ڏني سون
38:21۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙن جي خبر تو وٽ نہ پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀٽ ٽپي ھجري ۾ آيا
38:22جڏھن دائود وٽ (اندر) پھتا تڏھن (ھو) کانئن ڊڄي ويو، چيائون تہ، نہ ڊڄ! (اسين) ٻہ جھڳڙو ڪندڙ آھيون، اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي، تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نہ ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ
38:23بيشڪ، ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو تہ، اِھا (ھڪ رڍ) بہ منھنجي حوالي ڪر ۽ مون تي ڳالھائڻ ۾ سختي ڪري رھيو آھي
38:24دائود چيو تہ، (ھن) تنھنجيءَ (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري تہ، پنھنجين رڍن سان گڏي تو تي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن، سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نہ ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ دائود ڄاتو تہ کيس پرکيو اٿئون، تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين
38:25پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:26(چيوسون تہ) اي دائود! بيشڪ اسان تو کي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو، تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نہ ڪر جو (اھا) تو کي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا، تن لاءِ اُنھيءَ سببان سخت عذاب آھي، جو حساب جو ڏينھن وساريائون
38:27۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي، سو اجايو نہ بڻايوسون، اِھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي
38:28جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪريون ٿا ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪريون ٿا ڇا؟
38:29ھيءُ (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي، جو ان کي تو ڏانھن نازل ڪيوسون تہ (ماڻھو) ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن
38:30۽ دائود کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھو ھو، بيشڪ اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
38:31(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا
38:32پوءِ چيائين تہ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪيو (۽ وچين نماز قضا ٿي)
38:33(چيائين تہ ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ڪھڻ لاءِ) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين
38:34۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (الله ڏانھن) موٽيو
38:35چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي بہ نہ جڳائي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آھين
38:36پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون، جتي پھچڻ گھرندو ھو، (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي
38:37۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ) ٽٻندڙ ھو
38:38۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع) ڪياسون
38:39(چيوسون تہ) ھيءُ اسان جو ڏيڻ آھي، پوءِ (ڀل ڪنھن تي) احسان ڪر يا رکي ڇڏ (جيئن تو کي وڻي) تہ (تو تي) حساب نہ آھي
38:40۽ بيشڪ اُن لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:41۽ اسان جي ٻانھي ايوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين تہ مون کي شيطان تڪليف ۽ ايذاءُ پھچايو آھي
38:42(تڏھن چيوسون تہ زمين تي) پنھنجي لت ھڻ، جو ھيءُ (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي
38:43۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا بہ) عطا ڪياسون (ھيءَ) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي
38:44۽ (چيوسون تہ) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجيءَ زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نہ ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (الله ڏانھن) ورڻ وارو ھو
38:45۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحٰق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھئا
38:46بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي
38:47۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان ھئا
38:48۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ ذوالڪِفل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھو
38:49ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:50(يعني) ھميشہ (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن
38:51اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا، اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرندا
38:52۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون
38:53ھيءُ اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو
38:54بيشڪ اِھو اسان جو رزق آھي، جنھن کي ڪا کوٽ نہ ھوندي
38:55اِھو (بدلو ڀلارن لاءِ) آھي، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي
38:56(جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا (۽) پوءِ (اُھو) بڇڙو وڇاڻو آھي
38:57ھيءُ (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي، پوءِ ڀلي تہ اُن کي چَکن
38:58۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) بہ آھي
38:59(ڏوھارين جي اڳواڻن کي چئبو تہ) ھي (ڪافر) ھڪ ٽولي آھي جا (باھ ۾) اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، (اڳواڻ چوندا تہ) شال کين ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! ڇو تہ اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن
38:60(تابع) چوندا تہ (نہ!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نہ ھجي! (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي
38:61چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي، تنھن جي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر
38:62۽ (دوزخي) چوندا تہ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو (انھن مسلمانن مسڪينن) ماڻھن کي نہ ٿا ڏسون، جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھئاسون؟
38:63(ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھئاسون ڇا يا کانئن (اسان جون) اکيون ترڪيون آھن؟
38:64بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي
38:65(کين) چئو تہ، آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي
38:66آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي
38:67(کين) چئو تہ اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي
38:68اوھين کانئس مُنھن موڙيندڙ آھيو
38:69مون کي (اُنھي جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نہ آھي، جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن
38:70مون ڏانھن ھيءُ ئي وحي ٿيندو آھي تہ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
38:71(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ، بيشڪ آءٌ گاري مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان
38:72پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي وٺان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان، تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو
38:73پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو
38:74مگر ابليس (سجدو نہ ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو
38:75(الله) چيو تہ، اي ابليس جنھن کي پنھنجن ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم، تنھن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو؟ تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟
38:76ابليس چيو تہ، آءٌ اُن کان ڀَلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي
38:77(الله) چيو تہ، (بس ھينئر ئي) اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين
38:78۽ بيشڪ تو تي جزا جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي
38:79(اُن) چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! تڏھن اِنھيءَ ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي، (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن
38:80الله فرمايو تہ، (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين
38:81اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين
38:82(ابليس) چيو تہ، تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي تہ ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس
38:83منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نہ ھلندو)
38:84الله فرمايو تہ، (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو
38:85تہ تو سان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس
38:86(اي پيغمبر کين) چئو تہ آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نہ ٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان
38:87ھي (قرآن) تہ جھانن لاءِ نصيحت آھي
38:88۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن (جي سچائي) جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ



Share this Surah Translation on Facebook...