Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









ash-Shu`ara` Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
26:1طٰسٓمّٓ
26:2ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن
26:3متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين تہ (ڪافر) مسلمان نہ ٿا ٿين
26:4جيڪڏھن اسين گھرون تہ آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردن جھڪا ٿين
26:5۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نہ ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نہ) آھن
26:6پوءِ بيشڪ ڪُوڙ، ڀانئي چُڪا، تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان (اُھي) ٺـٺوليون ڪندا ھئا
26:7زمين ڏانھن نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ منجھس ھر ڪنھن چڱيءَ جنس جا ڪيترائي سلا ڄماياسون؟
26:8بيشڪ اِن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ آھن
26:9۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:10۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو تہ ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ
26:11جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ تہ) پرھيزگاري نہ ڪندا ڇا؟
26:12موسىٰ چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين
26:13۽ منھنجو سينو تنگ ٿئي ۽ منھنجي زبان پوري نہ اُٿندي آھي، تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل
26:14۽ اُنھن جو مون تي ڏوھ آھي، تنھنڪري ڊڄان ٿو تہ متان مون کي ماري ڇڏين
26:15(الله) فرمايو تہ ايئن (ٿيڻو) نہ آھي، پوءِ منھنجين نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو، بيشڪ اسين اوھان سان گڏ، ٻڌندڙ آھيون
26:16تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس تہ، بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون
26:17تہ بني اسرائيل کي اسان ساڻ موڪل
26:18(فرعون) چيو تہ، تو کي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نہ پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجيءَ عمر جا ڪيترائي ورھيہ اسان ۾ گذاريئي
26:19۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين
26:20(موسىٰ) چيو تہ، جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس
26:21پوءِ جنھن مھل اوھان جي (ايذاءَ) کان ڊنس (تنھن مھل) اوھان کان ڀڳس، پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين
26:22۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ تہ بني اسرائيل کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي
26:23فرعون چيو تہ، جھانن جو رب ڇا (کي چئبو) آھي؟
26:24(موسىٰ) چيو تہ آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي، تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساھ رکندا آھيو
26:25(فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو تہ، (اوھين) نہ ٿا ٻُڌو ڇا؟
26:26(مُوسىٰ) چيو تہ، (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين اَبن ڏاڏن جو پالڻھار آھي
26:27(فرعون) چيو تہ، اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي
26:28(مُوسىٰ) چيو تہ اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي، تنھن جو (بہ) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (تہ اِھا سمجھاڻي بس آھي)
26:29(فرعون) چيو تہ جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي تہ ضرور تو کي قيدين مان ڪندس
26:30(مُوسىٰ) چيو تہ جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شئي آڻيان تہ بہ (قيد ڪندين) ڇا؟
26:31(فرعون) چيو تہ، جيڪڏھن تون سَچن مان آھين تہ اُھا آڻ
26:32پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين تہ اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي
26:33۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين تہ اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو
26:34(فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو تہ، بيشڪ ھيءُ شخص وڏو ڄاڻون جادوگر آھي
26:35(ھو) اوھانکي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو، پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟
26:36چيائون تہ، کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل
26:37تہ ھر وڏي ڄاڻون جادوگر کي کي تو وٽ آڻين
26:38پوءِ ھڪ ڏينھن جي ٺھرايل انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا
26:39۽ ماڻھن کي چيو ويو تہ، اوھين (بہ) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟
26:40جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا تہ منَ اسين اُنھن جا تابعدار ٿيون
26:41پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون تہ جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون تہ اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نہ)؟
26:42(فرعون) چيو تہ، ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ
26:43کين (موسىٰ) چيو تہ، جيڪي (ڍارا) اوھين اُڇلڻ وارا آھيو، سي اُڇليو
26:44پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اُڇليون ۽ چيائون تہ فرعون جي عزت جو قَسم آھي تہ بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون
26:45پوءِ موسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي تہ اُھا اُتي جو اُتي جيڪو ناٽڪ بڻائيندا ويا سو ڳھندي ويئي
26:46پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪريا
26:47چيائون تہ، جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون
26:48(جو) موسىٰ ۽ ھارون جو رب آھي
26:49(فرعون) چيو تہ، اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان، اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو؟ بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو (استاد) آھي، جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس
26:50چيائون تہ، ڪو حرج نہ آھي، بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون
26:51بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا تہ اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو، انھيءَ ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون
26:52۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ منھنجن ٻانھن کي راتو واھ وٺي نِڪر، ڇو تہ (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا
26:53پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا
26:54(چيائين) تہ بيشڪ ھي ٿورڙن (ماڻھن) جو مچو آھن
26:55۽ بيشڪ اُنھن اسان کي ڪاوڙايو آھي
26:56۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون
26:57(الله فرمائي ٿو تہ) پوءِ اُنھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون
26:58۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (بہ)
26:59اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ اُنھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون
26:60پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا
26:61پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) موسىٰ جي سنگتين چيو تہ، بيشڪ اسان کي پھچي ويا
26:62(موسىٰ) چيو تہ، ايئن نہ آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي، سگھو مون کي رستي لائيندو
26:63پوءِ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون تہ پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو، پوءِ ھر ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿي پيو
26:64۽ اُنھن ٻـين ( يعني فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون
26:65۽ موسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين
26:66وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون
26:67بيشڪ اِنھيءَ (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نہ ھوا
26:68۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:69۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ
26:70جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين تہ ڇا کي پوڄيندا آھيو؟
26:71چيائون تہ، (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سدائين اُنھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون
26:72(ابراھيم) چيو تہ، جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟
26:73يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟
26:74چيائون (نہ!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ايئن ڪندي ڏٺوسون
26:75(ابراھيم) چيو تہ (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟
26:76اوھين ۽ اوھان جا اڳيان ابا ڏاڏا
26:77بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن
26:78جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، وري اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي
26:79۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي
26:80۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان، تڏھن اُھو ئي مون کي شفا ڏيندو آھي
26:81۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو
26:82۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم تہ قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو
26:83اي منھنجا پالڻھار! مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر
26:84۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر
26:85۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر
26:86۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي
26:87۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نہ ڪج
26:88جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا
26:89پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو
26:90۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو
26:91۽ گمراھن لاءِ دوزخ ظاھر ڪيو ويندو
26:92۽ کين چيو ويندو تہ اُھي ڪٿي آھن، جن کي پوڄيندا ھيؤ
26:93الله کانسواءِ؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا؟
26:94پوءِ اُھي گمراھ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا
26:95۽ مڙيئي شيطاني لشڪر بہ (اُڇلائبا)
26:96۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا
26:97تہ الله جو قسم آھي بيشڪ اسين تہ پڌريءَ گمراھي ۾ ھئاسون
26:98جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون
26:99۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھين اسان کي گمراھ نہ ڪيو
26:100پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي
26:101۽ نڪو ڪو غمٽار دوست آھي
26:102پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي تہ مؤمنن مان ٿيون!
26:103بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا مؤمن نہ آھن
26:104۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:105نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو
26:106جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ٿا ڊڄو؟
26:107بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان
26:108پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃو
26:109۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو تہ رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
26:110پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
26:111چيائون تہ تو تي ايمان ڇو آڻيون؟ ۽ حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي
26:112(نوح) چيو تہ، مون کي ڪھڙي سُڌ تہ (ھو) ڇا ڪندا رھيا آھن
26:113جيڪڏھن اوھين سمجھ وارا آھيو تہ، سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نہ آھي
26:114۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نہ آھيان
26:115آءٌ تہ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
26:116چيائون تہ اي نوح! جيڪڏھن تون نہ رھندين تہ ضرور سنگسار ٿيندين
26:117(نوح) چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجيءَ قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو
26:118تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن، تن کي بچاءِ
26:119پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون
26:120وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون
26:121بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي ۽ انھن مان گھڻا مڃيندڙ نہ ھئا
26:122۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:123عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو
26:124جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
26:125بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان
26:126پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
26:127۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام) پھچائڻ تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
26:128سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟
26:129۽ (ڇو) پڪيون ماڙيون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ
26:130۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو (تڏھن) زبردست ٿي دست درازي ڪندا آھيو
26:131پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
26:132۽ اُنھي (الله) کان ڊڄو، جنھن اوھان کي اُنھيءَ (شئي) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو
26:133اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس
26:134۽ باغن ۽ (پاڻي جي) چشمن (ڏيڻ) سان بہ
26:135بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو
26:136چيائون تہ، (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏين يا نصيحت ڏيندڙن مان نہ ھجين تہ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين
26:137اِھا اڳين جي ئي عادت آھي
26:138۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نہ ٿينداسون
26:139پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ ان (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
26:140۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:141ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو
26:142جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
26:143بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان
26:144پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
26:145۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نہ ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
26:146اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي، تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (تہ ھميشہ آرام ۾ رھو)؟
26:147باغن ۾ ۽ چشمن ۾
26:148۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪُنئَرا آھن
26:149۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو
26:150پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
26:151۽ اُنھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نہ مڃو
26:152جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارو نہ ڪندا آھن
26:153چيائون تہ تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين
26:154تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين تہ ڪا نشاني آڻ
26:155(صالح) چيو تہ، ھيءَ ڏاچي آھي، اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن مقرر ٿيل آھي
26:156۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نہ پھچائجو، نہ تہ اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو
26:157پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (۽ ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا
26:158پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
26:159۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:160لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو
26:161جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
26:162بيشڪ آءٌ اوھان جو اَمين پيغمبر آھيان
26:163پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃو
26:164۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
26:165دنيا جھان جي نرن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟
26:166۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان لاءِ اوھان جون زالون خلقيون آھن تن کي ڇو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو
26:167چيائون تہ، اي لُوط! جيڪڏھن نہ رھندين تہ ضرور لوڌائبين
26:168لُوط چيو تہ بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم کان رنج آھيان
26:169اي منھنجا پالڻھار! جيڪي (ھو) ڪندا آھن، تنھن جي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ!
26:170پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون
26:171سواءِ (ھڪ) ٻڍڙيءَ زال جي جا رھيلن مان ھئي
26:172وري (اُنھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون
26:173۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي
26:174بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
26:175۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:176(شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو
26:177جڏھن کين شعيب چيو تہ، (الله کان) ڇو نہ ٿا ڊڄو؟
26:178بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان
26:179پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
26:180۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي
26:181ماڻ پورو ڀريو ۽ ڪسُ لائيندڙن مان نہ ٿيو
26:182۽ سَنئينءَ تارازيءَ سان توريو
26:183۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نہ ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نہ وجھو
26:184۽ اُنھيءَ (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳينءَ خلق کي خلقيو
26:185چيائون تہ تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين
26:186۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين تو کي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون
26:187جيڪڏھن تون سچن مان آھين تہ اسان تي آسمان مان ڪا ڇپ ڪيراءِ
26:188(شعيب) چيو تہ، جيڪي اوھين ڪندا آھيو، سو منھنجو پالڻھار چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
26:189پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري پاڇي واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو
26:190بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نہ ھئا
26:191۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي
26:192۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي
26:193اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو
26:194تنھنجيءَ دل تي (ھن لاءِ) تہ ڊيڄاريندڙن مان ٿئين
26:195(جو) پڌريءَ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي
26:196۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي
26:197اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نہ آھي ڇا تہ، بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) ڄاڻن ھا
26:198۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا
26:199پوءِ اُھو مٿن پڙھي ھا تہ اُن کي (بہ) مڃڻ وارا نہ ٿين ھا
26:200اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون
26:201اُن تي (اَيسين) ايمان نہ آڻيندا، جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نہ) ڏسندا
26:202پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا
26:203پوءِ چوندا تہ اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟
26:204پوءِ ڇو اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن؟
26:205پوءِ ڏٺو اٿيئي ڇا تہ جيڪڏھن کين ڪيئي ورھيہ عيش ڪرڻ (جي مھلت) ڏيون
26:206وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين
26:207تہ سندن آسودو ھجڻ کانئن ڪجھ نہ ٽاريندو!
26:208۽ اھڙي ڪنھين ڳوٺ کي ناس نہ ڪيوسون، جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نہ) ھئا
26:209نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نہ ھئاسون
26:210۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نہ ڪيو آھي
26:211۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن
26:212بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن
26:213تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نہ سڏ، نہ تہ عذاب وارن مان ٿيندين
26:214۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار
26:215۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري، تنھن لاءِ پنھنجو بازو جِھڪو ڪر (يعني نرمي ڪر)
26:216پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن تہ چئو تہ، جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان
26:217۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر
26:218جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل تو کي ڏسي ٿو
26:219۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ بہ ڏسي ٿو
26:220بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
26:221اوھان کي سُڌ (نہ) ڏيان ڇا تہ ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟
26:222سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن
26:223جو ٻُڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھانئن گھڻا ڪوڙا آھن
26:224۽ گمراھ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن
26:225نہ ڏٺو اَٿئي ڇا تہ، اُھي ھر ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن
26:226۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن، جيڪي نہ ڪندا آھن
26:227پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون، (اُھي گمراھ نہ آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا تہ ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا!



Share this Surah Translation on Facebook...