Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









al-Mu`minun Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
23:1بيشڪ (اُھي) مؤمن ڪامياب ٿيا
23:2جيڪي پنھنجيءَ نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن
23:3۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن
23:4۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن
23:5۽ جي پنھنجين اگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن
23:6رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نہ آھن
23:7پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن
23:8۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام جي رعايت ڪندڙ آھن
23:9۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن
23:10اِھي اُھي ئي وارث آھن
23:11جيڪي (نيٺ) بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن
23:12۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي سَتَ مان بڻايوسون
23:13وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون
23:14وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) وڌيڪ سھڻو خلقيندڙ آھي
23:15وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ
23:16وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ
23:17۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نہ ھئاسون
23:18۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون، پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون ۽ بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون
23:19پوءِ اُن سان کجين ۽ انگورن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن (باغن) ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان (ڪجھ) اوھان کائيندا آھيو
23:20۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُورسَينا مان نڪرندو آھي (اھڙيءَ طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي
23:21۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (بہ) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا بہ) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن (ڪجھ) کائيندا (بہ) آھيو
23:22۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي
23:23۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو، اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نہ آھي، پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
23:24پوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھئا تن چيو تہ ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي، اوھان تي سرداري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ تہ) پنھنجن اڳين اَبن ڏاڏن ۾ نہ ٻڌيسون
23:25اِھو تہ رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو
23:26(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار! مون کي مدد ڏي، انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون
23:27پوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون تہ اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻہ ٻہ (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نہ چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نہ چئو، ڇو تہ اُھي ٻُڏل آھن
23:28پوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي ويھين ۽ تنھنجا سنگتي (بہ ويھن) تڏھن چئو تہ سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو
23:29۽ چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين
23:30بيشڪ ھن (قصي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھئاسون
23:31وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون
23:32پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) تہ الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نہ آھي، پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
23:33۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو بہ ڪيو ھوسون تن چيو تہ ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو بہ) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان (اوھين) پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو بہ) پيئندو آھي
23:34۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ تہ اوھين انھيءَ مھل ٽوٽي وارا ٿيندؤ
23:35اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا تہ جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟
23:36جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي
23:37اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نہ آھيون
23:38ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نہ آھيون
23:39(پيغمبر) چيو تہ منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون
23:40(الله) فرمايو تہ ٿوري مُدت کان پوءِ پشيمان ٿيندا
23:41پوءِ کين سچي انجام جي ڪري دھڪي پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي
23:42وري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون
23:43ڪائي ٽولي پنھنجيءَ مُدت کان نہ اڳي ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن
23:44وري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون، پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نہ مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي
23:45وري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون
23:46فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن، پوءِ (اُنھن) وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھئا
23:47پوءِ چيائون تہ پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ڇو ايمان آڻيون؟ ۽ سندن قوم (تہ) اسان جو ٻانھپو ڪندڙ آھي
23:48پوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا
23:49۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون تہ منَ اُھي سِڌو رستو لھن
23:50۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئينءَ ۽ وھندڙ چشمن واري مٿاھين دڙي تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون
23:51(چيوسون تہ) اي پيغمبرؤ! سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان
23:52۽ بيشڪ اوھان جو ھي دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان، تنھنڪري مون کان ڊڄو
23:53پوءِ (اُنھن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇڏيو، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي، تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي
23:54پوءِ (اي پيغمبر!) کين سندس غفلت ۾ ھڪ وقت تائين ڇڏي ڏي
23:55جنھن مال ۽ اولاد سان کين واڌارو ڏنو سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟
23:56تہ ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون (نہ!) بلڪ نہ سمجھندا آھن
23:57بيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن
23:58۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن
23:59۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مقرر نہ ڪندا آھن
23:60۽ اُھي جيڪي (اُھو) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏنائون ھن حال ۾ جو سندن دليون ھن ڪري ڏڪنديون آھن تہ اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن
23:61اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن
23:62۽ (اسين) ڪنھن بہ جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نہ ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي، جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نہ ڪبو
23:63بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت بہ آھن، جي اُھي ڪندا آھن
23:64تان جو منجھائن عياشين (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون، تڏھن دانھون ڪندا رھيا
23:65(چيوسون) تہ اڄ دانھون نہ ڪريو، ڇو تہ اسان کان اوھان کي مدد نہ ملندي
23:66بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀر پوئتي) ڀڄندا ھُيؤ
23:67اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي
23:68قرآن کي نہ سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شئي آئي آھي، جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نہ آئي ھُئي؟
23:69يا پنھنجي پيغمبر کي نہ سڃاتائون ڇا؟ تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن
23:70يا چوندا آھن تہ کيس چريائي آھي (نہ!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن
23:71۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا تہ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي، سي ويران ٿين ھا، (نہ!) بلڪہ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن
23:72يا کانئن ڪو نزرانو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو نزرانو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) چڱو روزي ڏيندڙ آھي
23:73۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين
23:74۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن، سي سڌيءَ واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن
23:75۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا تہ (بہ) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا
23:76۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون، پوءِ (بہ) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نہ نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون
23:77(پنھنجيءَ غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جا اُتي اُنھي ۾ نااُميد ٿيا
23:78۽ (الله) اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو
23:79۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ
23:80۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦيرڦار ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، پوءِ نہ سمجھندا آھيو ڇا؟
23:81بلڪ جيئن اڳين چيو تہ تيئن چوندا آھن
23:82چون ٿا تہ اسان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئرا ٿي اٿنداسون ڇا؟
23:83بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي، اِھي رڳو اڳين جا قصا آھن
23:84چئو تہ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو تہ زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟
23:85سگھوئي چوندا تہ (اُھو سڀ) الله جو آھي، چئو تہ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
23:86(اي پيغمبر کانئن پڇ) تہ ستن آسمانن جو رب ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟
23:87سگھوئي چوندا تہ (اِھو سڀ) الله جو آھي، چئو تہ پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
23:88(کانئن) پڇ تہ (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شئي جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ ڏيئي نہ سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (تہ ڏسيو)
23:89سگھوئي چوندا تہ (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چئو تہ پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا
23:90بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن
23:91الله نڪي (پاڻ لاءِ) ڪنھن کي پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ايئن ھجي ھا) تہ ھر ڪو معبود پنھنجيءَ مخلوق کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي
23:92ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي
23:93(اي پيغمبر!) چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪو انجام ڪجين ٿو، سو جيڪر مون کي ڏيکارين
23:94اي منھنجا پالڻھار! مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نہ ڪر
23:95۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي تو کي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وس وارا آھيون
23:96ڏاڍي چڱيءَ طريقي سان برائيءَ کي ٽار (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون
23:97۽ (اي پيغمبر!) چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو
23:98۽ اي منھنجا پالڻھار! پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (بہ) تنھنجي پناھ وٺان ٿو
23:99(ڪافر پنھنجي غفلت ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ
23:100تہ جيڪي (اُتي) ڇڏيم تنھن ۾ آءٌ چڱا عمل ڪريان، ايئن (ڪڏھن ٿيڻو) نہ آھي، بيشڪ اِھا ھڪ ڳالھ آھي جا اھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا
23:101پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نہ ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا
23:102پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو پلڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن
23:103۽ جنھن جو پلڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي نقصان لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن
23:104سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بدشڪلا ٿيندا
23:105(چيو ويندن تہ) منھنجون آيتون اوھان کي نہ پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين اُنھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟
23:106چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھئاسون
23:107اي اسان جا پالڻھار! ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون تہ بيشڪ اسين ظالم ٿيون
23:108(الله) فرمائيندو تہ منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نہ ڳالھايو
23:109ڇو تہ منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر جو تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين
23:110پوءِ (ايسين) کين مزاڪ ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دلين) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي
23:111بيشڪ اڄ کين بدلو ڏنم انھيءَ ڪري جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي ئي مراد ماڻيندڙ آھن
23:112(الله) فرمائيندو تہ زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھيہ رھيؤ؟
23:113چوندا تہ ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر
23:114(الله) فرمائيندو تہ ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نہ رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا
23:115اوھين ڀانيو ٿا ڇا تہ اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نہ موٽايا ويندؤ؟
23:116پوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي (اھو) سڳوري عرش جو رب آھي
23:117۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو، جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي، تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي تہ ڪافر نہ ڇُٽندا
23:118۽ چئو تہ اي منھنجا پالڻھار! بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين



Share this Surah Translation on Facebook...