Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









Maryam Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
19:1ڪٓھٰيٰعٓصٓ
19:2تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھي) بيان آھي
19:3جڏھن پنھنجي پالڻھار کي آھستي ٻاڏائي سڏيائين
19:4چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مُنھنجي (لڱن جا) ھڏا ڪمزور ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ۽ اي منھنجا پالڻھار! تو کي سڏڻ کان نااُميد نہ آھيان
19:5۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش!
19:6جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو (بہ) وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار! اُن کي صالح ڪر
19:7(چيوسون تہ) اي زڪريا اسان تو کي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونہ ڪيوسون
19:8چيائين اي منھنجا پالڻھار! مون کي پٽ ھن حالت ۾ پٽ ڪيئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کي پھتو آھيان
19:9(جبرئيل) چيو تہ اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي تہ اِھو مون تي آسان آھي ۽ بيشڪ ھن کان اڳ تو کي پيدا ڪيو اَٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نہ ھُئين
19:10زڪريا چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون لاءِ ڪا نشاني ڪر، فرمايائين تہ تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) تہ ماڻھن سان ساندھ ٽي (ڏينھن) راتيون ڳالھائي نہ سگھندين
19:11پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ اُنھن ڏانھن اشارو ڏنائين تہ صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو
19:12(۽ يحيٰ ڄمي ڏھن ورھين جو ٿيو تہ) چيوسون تہ اي يحيٰ! ڪتاب کي مضبوطي سان وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون
19:13۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ پاڪبازي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو
19:14۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نہ ھو
19:15۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي
19:16۽ مريم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجن گھر وارن کان اڀرندي ھنڌ پَرَ ڀري ٿي
19:17پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ان جي اڳيان پورو ماڻھو (وانگر) بڻجي بيٺو
19:18(مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (تہ مون کان پري ٿيءُ)
19:19(ملائڪ) چيو تہ آءٌ تہ تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان تہ تو کي پاڪباز نينگر بخشيان
19:20(مريم) چيو تہ مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نہ ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان
19:21(ملائڪ) چيو تہ اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو تہ اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) تہ ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم طئي ٿيل آھي
19:22پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پر ڀري ھنڌ الڳ ٿي
19:23پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين تہ جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا! (تہ چڱو ھو)
19:24پوءِ کيس (ملائڪ) ھيٺين طرف کان سڏيو تہ ڏک نہ ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي
19:25۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ تہ تو تي تازيون کارڪون ڇاڻي
19:26پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين تہ چئو تہ مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري ڪنھن ماڻھوءَ سان اصل نہ ڳالھائيندس
19:27پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون تہ اي مريم! بيشڪ بڇڙي شئي آندي اٿيئي
19:28اي ھارون جي ڀيڻ! نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي
19:29پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون تہ جيڪو پينگھي ۾ ٻار آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون
19:30(عيسىٰ) چيو تہ آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اَٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس
19:31۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين
19:32۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نہ ڪيائين
19:33۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اُٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي
19:34اِھو (قصو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن
19:35الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نہ جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندو آھي
19:36۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي
19:37پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان ويل آھي
19:38جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نہ چڱو ٻڌندا! ۽ ڪھڙو نہ چڱو ڏسندا! پر ظالم اڄ پڌري گمراھي ۾ آھن
19:39۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نٿا آڻين
19:40بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھن جا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا
19:41۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچار پيغمبر ھو
19:42جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين تہ اي اَبا! جيڪو نہ ڪي ڏسي ۽ نہ ڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھن جي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟
19:43اي اَبا! بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ (اھا) ڄاڻ آئي آھي جا تو وٽ نہ آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر تہ تو کي سڌو رستو ڏيکاريان
19:44اي اَبا! شيطان کي نہ پوڄ، ڇو تہ شيطان الله جو نافرمان آھي
19:45اي اَبا! آءٌ تو تي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو پوءِ متان شيطان جي سنگتي ٿئين
19:46(پڻس) چيو تہ اي ابراھيم! تون منھنجي معبودن کان ڇو ڦرڻ وارو آھين؟ جيڪڏھن نہ روڪبين تہ تو کي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ
19:47(ابراھيم) چيو تہ تو تي سلام ھجي، آءٌ تو لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇو تہ اُھو مون تي مھربان آھي
19:48۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي تہ پنھنجي رب جي دعا سان بدبخت نہ ٿيندس
19:49پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا ھئا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون
19:50۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي نيڪ نامي بلند ڪئي سون
19:51۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو
19:52۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون
19:53۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون
19:54۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو
19:55۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو
19:56۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو
19:57۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون
19:58اِھي اُھي آھن جن تي الله فضل ڪيو، آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون (تن مان آھن) جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھئا
19:59پوءِ سندن پوئتان ڪيترا نااھل پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ خواھشن جي پٺيان لڳا پوءِ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا
19:60پر جن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نہ ڪبو
19:61ھميشہ جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجن ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي
19:62اُن ۾ سلام کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھ نہ ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندن روزي آھي
19:63اِھو بھشت اُھو آھي جو منھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻجندو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون
19:64۽ (ملائڪن چيو تہ) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نہ لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نہ آھي
19:65آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مضبوط رھ)، تون اُن نالي وارو ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟
19:66۽ ماڻھو چوندو آھي تہ جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟
19:67انسان کي ياد نہ آھي ڇا تہ کيس اڳ پيدا ڪيوسون حالانڪہ ڪجھ بہ نہ ھو؟
19:68پوءِ پنھنجي رب جو قسم آھي تہ اُنھن کي ۽ شيطانن کي گڏ ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون
19:69وري ھر ھڪ ٽوليءَ مان اھڙن (ماڻھن) کي ڌار ڪنداسون جن اُنھن مان ٻاجھاري (الله) جي سخت نافرماني ڪئي
19:70وري جيڪي اُن (جھنم) ۾ گھڙڻ جا وڌيڪ حقدار آھن تن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻندا آھيون
19:71۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) ڪونھي جو اُن (جھنم) تي اچڻ وارو نہ آھي، تنھنجي پالڻھار تي اِھو (انجام) لازم مقرر آھي
19:72وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس ڪرونڊڙو ڇڏينداسون
19:73۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون اُنھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن تہ ٻنھين ٽولين مان ڪير، مرتبي جي ڪري بھتر ۽ مجلس جي ڪري معتبر آھي؟
19:74۽ کانئن اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون جو اُھي (ظاھري ساز) سامان ۽ ڏيک ويک جي ڪري وڌيڪ چڱا ھئا
19:75چئو تہ جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا تہ عذاب جو يا قيامت جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا تہ بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ڪير آھي
19:76۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت ۾ وڌائيندو آھي، ۽ باقي رھندڙيون نيڪيون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽ ڪري چڱيون آھن
19:77(اي پيغمبر!) اُنھي کي نہ ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نہ مڃيو ۽ چيائين تہ مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟
19:78(اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس
19:79ايئن (ھرگز) نہ آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون
19:80۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ اڪيلو ايندو
19:81۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن تہ اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين
19:82ايئن (اصل) نہ آھي، (اُھي) سندن پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا
19:83(اي پيغمبر!) نہ ڏٺو اَٿيئي ڇا تہ شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون تہ (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟
19:84پوءِ مٿن (عذاب جي) تڪڙ نہ ڪر، اسين اُنھن لاءِ (سندن عملن ۽ ڏينھن جي پوري) ڳَڻ ڳڻيندا آھيون
19:85اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ گڏ ڪنداسون
19:86۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون
19:87جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نہ سگھندا
19:88۽ چوندا آھن تہ الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي
19:89(چئبن تہ) بيشڪ اوھان بڇڙي شئي آندي
19:90اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ٽڙڪي پوندا ۽ زمين ڦاٽ پوندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا!
19:91اُنھي سببان جو (اُنھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا
19:92۽ الله کي اولاد وٺڻ نہ جڳائيندو آھي
19:93جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا
19:94بيشڪ (الله) کين شمار ڪيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس
19:95۽ قيامت جي ڏينھن اُنھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو
19:96بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ الله سگھو محبت پيدا ڪندو
19:97پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون تہ (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ اُن سان جھڳڙالو قوم کي ڊيڄارين
19:98۽ کانئن اڳ ڪيترا جڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندن ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟



Share this Surah Translation on Facebook...