Quantcast
Ads by Muslim Ad Network









an-Nahl Farsi:: Ghodratollah Bakhtiari Nejad 

Ayat
16:1الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري اُن جي تڪڙ نہ ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ شئي کان مٿاھون آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرر ڪندا آھن
16:2پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي تہ (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (تہ الله ٿو فرمائي) تہ مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نہ آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو
16:3آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شئي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) مٿاھون آھي
16:4آدميءَ کي نطفي مان خلقيائين پوءِ اوچتو ئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو
16:5۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھانئن ڪي کائيندا آھيو
16:6جنھن مھل (اُھي ڍور) واڙيندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي
16:7۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءَ کي جوکي ۾ وجھڻ کانسواءِ پھچي نہ سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇو تہ اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي
16:8۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (خلقيائين) تہ اُنھن تي اوھين چڙھو ۽ (اُنھن کي) زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو سي (بہ) پيدا ڪندو آھي
16:9۽ الله تي سِڌو رستو (ڏسڻ) آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) ڏنگا آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا تہ اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا
16:10اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو
16:11اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ انگور ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي
16:12۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن بيشڪ اُن ۾ سمجھدار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن
16:13۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي بہ اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي
16:14۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياءَ کي ھن لاءِ تابع ڪيو تہ اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ اِنھيءَ لاءِ تہ اوھين سندس رزق ڳوليو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
16:15۽ زمين ۾ مضبوط جبل کوڙيائين تہ متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون (وھايائين) ۽ رستا بڻايائين تہ منَ اوھين سِڌو رستو لھو
16:16۽ (ٻيا بہ گھڻا) نشان، ۽ تارن سان اُھي (ماڻھو) سِڌو رستو لھندا آھن
16:17جيڪو پيدا ڪري سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جو (ڪي بہ) پيدا نہ ڪري؟ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
16:18جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو تہ اُنھن کي (ڪڏھن بہ) ڳڻي نہ سگھندؤ، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
16:19۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
16:20۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شئي خلقي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن
16:21مُردا بي جان آھن، ۽ نہ ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن اٿاريا ويندا
16:22اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نہ آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن
16:23(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي
16:24۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي تہ اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن تہ اڳين جون اکاڻيون
16:25(اِھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجا پورا بار کڻندا ۽ جن کي بنا علم جي گمراھ ڪندا آھن تن جا (بہ) ڪجھ بار کڻندا، خبردار! جيڪو (بہ) بار کڻندا سو بڇڙو آھي
16:26جيڪي کائن اَڳ ھئا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جي حُڪم سندن اڏاوتن کي بنيادن کان پٽيو پوءِ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نہ ٿي
16:27وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو تہ (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا تہ اَڄ اُنھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي
16:28جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساھ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھئا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا تہ) اسان ڪا بڇڙائي نہ ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا تہ) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي
16:29پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي
16:30۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو تہ اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ چوندا تہ چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي
16:31جو ھميشہ جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا اُنھن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو اُنھن لاءِ منجھس آھي، اَھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو
16:32(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن السلام عليڪم جيڪي (عمل) ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو
16:33ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نہ ڪندا آھن، جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نہ ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا
16:34پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھئا سا کين ويڙھي ويئي
16:35۽ مُشرڪ چوندا آھن تہ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اُن کانسواءِ ڪا شئي نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شئي حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کانئن اڳ ھئا تن بہ ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نہ آھي
16:36۽ بيشڪ ھر قوم ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون تہ الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھانئن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو تہ ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي
16:37(اي پيغمبر!) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (تہ منجھانئن ڪوبہ فائدو نہ آھي) ڇو تہ الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نہ ڪندو آھي ۽ اُنھن جو ڪوبہ مددگار نہ آھي
16:38۽ الله جو پڪيءَ طرح قسم کنيائون تہ جيڪو مرندو تنھن کي (الله) وري نہ جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ ٿي چڪي آھي مگر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
16:39ھن لاءِ (وري جياريندو) تہ جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو اُنھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ تہ ڪافر ڄاڻن تہ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھئا
16:40ڪنھن بہ شئي لاءِ اسان جو چوڻ بس ھي آھي تہ جڏھن اسين اُن کي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون تڏھن اُن کي چوندا آھيون تہ ٿيءُ تہ ٿي پوندي آھي
16:41۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اَجر تمام وڏو آھي، ڪاش جو ڄاڻن ھا
16:42(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا
16:43۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان سواءِ نہ موڪليو اٿئون اُنھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي انسانؤ!) جيڪڏھن (اوھين) نہ ڄاڻندا آھيو تہ علم وارن کان پڇو
16:44دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو تہ جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ منَ اُھي سوچين
16:45جن براين جي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا تہ الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نہ ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي؟
16:46يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نہ آھن
16:47يا ڀوائتي حالت ۾ کين پڪڙي پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي
16:48الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇو نہ ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن
16:49۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي سي ۽ جيڪي ساھدار زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ (سڀ) الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نہ ڪندا آھن
16:50(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان آھي ۽ جيڪو حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن
16:51۽ الله فرمايو آھي تہ اوھين ٻہ خدا ڪري نہ وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو
16:52۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟
16:53۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي، پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي تہ ڏانھس دانھون ڪندا آھيو
16:54وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مقرر ڪندي آھي
16:55ھن لاءِ تہ کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ
16:56۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصو مقرر ڪندا آھن جي نہ ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي تہ جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ
16:57۽ الله لاءِ ڌيئرون (مقرر) ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پٽ سو مقرر ڪندا آھن)
16:58۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءَ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس منھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي
16:59جيڪا کيس خراب خبر ڏني ويئي تنھن جي (ناراضپي) سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتيءَ ۾ پوندو آھي تہ) اُن (ڌيءَ جي ٻار) کي خواريءَ ھوندي (بہ زندھ) رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
16:60جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
16:61۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي تہ ڪنھن چُرندڙ کي زمين تي نہ ڇڏي پر اُنھن کي مقرر مدت تائين مُھلت ڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل سندن مدت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا
16:62۽ الله لاءِ اُھا شئي مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن تہ، سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن
16:63الله جو قسم آھي تہ بيشڪ توکان اڳ اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اَڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
16:64۽ (اي پيغمبر!) تو تي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نہ ڪيوسون تہ جن اُن بابت تڪرار ڪيو تن لاءِ تون وضاحت ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
16:65۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
16:66۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچان نج کير اوھان کي پياريندا آھن جو پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ آھي
16:67۽ کجين جي ۽ انگورن جي ميون مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
16:68۽ تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو تہ ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ
16:69وري ھر جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي آسانيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شئي (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي
16:70۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان ڪو نڪمپ (جھور) عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي تہ ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نہ ڄاڻي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي وس وارو آھي
16:71۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نہ آھن تہ اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
16:72۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا (پيدا) ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو باطل کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟
16:73۽ الله ڌاران اُنھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نہ رکندا آھن ۽ نہ ڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن
16:74پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نہ ڪريو، ڇو تہ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نہ ڄاڻندا آھيو
16:75الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شئي تي وس نہ ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن مان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪندو ھجي (اُھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
16:76۽ الله ٻن ماڻھن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گونگو ھجي ڪنھن شئي تي وس ڪونہ ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نہ آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي؟
16:77۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو اُنھيءَ کان بہ وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
16:78۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نہ ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
16:79آسمان جي فضا ۾ لڙڪيل پکين ڏانھن نہ ڏسندا آھن ڇا؟ اُنھن کي الله کانسواءِ ڪونہ جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن
16:80۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڀانئيندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين مِلسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جو ڳچ) مدت تائين (ڪم ڏئي ٿو)
16:81۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن ۽ ڪپڙا جي، اوھان کي اوھان جي ويڙھ کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي تہ منَ اوھين فرمانبرداري ڪريو
16:82پوءِ جيڪڏھن ڦرندا تہ (اي پيغمبر) تو تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نہ آھي
16:83الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نہ مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن
16:84۽ جنھن ڏينھن سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نہ ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا
16:85۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کانئن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي
16:86۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن بتن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! ھي اسان جا اُھي بت آھن جن کي تو کانسواءِ سڏيندا ھئاسين، پوءِ اُھي (بُت) اُنھن کي ورندي ڏيندا تہ اوھين ڪُوڙا آھيو
16:87اُنھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلجي ويندو
16:88جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھئا
16:89۽ اُن ڏينھن ھر ٽوليءَ ۾ سندن جنس مان مٿن شاھد بيھارينداسون ۽ (اي پيغمبر!) تو کي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شئي جي وضاحت لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ تو تي ڪتاب نازل ڪيوسون
16:90بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائيءَ ۽ برائيءَ ۽ زبردستيءَ کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
16:91۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي پاڻ ۾) انجام ڪريو (تڏھن اُھو) انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نہ ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
16:92۽ اُن عورت وانگر نہ ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ (ڪتڻ ۽) پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني کوھي ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا تہ (ھڪ) ٽولي ٻيءَ ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله تہ اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو
16:93۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ اوھان کي ھڪ جماعت ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ
16:94۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نہ بڻايو نہ تہ اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو
16:95۽ الله جي اَنجام کي ٿوري مُلھ سان نہ وِڪڻو، ڇو تہ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو تہ جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي
16:96جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون
16:97جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مرد ھُجي يا عورت ۽ اُھو مؤمن ھوندو تہ ضرور کيس ڀلي حياتي ڏيئي جيارينداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھئا تنھن جو بدلو ضرور کين تمام ڀلو ڏينداسون
16:98پوءِ (اي پيغمبر!) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ
16:99اُن کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نہ آھي
16:100سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (اُنھن تي بہ) جيڪي الله سان شريڪ (مقرر) ڪندا آھن
16:101۽ جڏھن ھڪڙيءَ آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن تہ تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نہ!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
16:102(اي پيغمبر!) کين چئو تہ اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي تہ مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي
16:103۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون تہ اُھي چوندا آھن تہ اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اِھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھيءُ (قرآن) چٽي عربي ٻوليءَ ۾ آھي
16:104بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
16:105ڪوڙو ٺاھ اُنھن کان سواءِ ڪونہ ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نہ مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن
16:106جنھن کي (ڪفر ڪرڻ تي) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪجھ چوي) ۽ سندس دل ايمان سان مطمئن ھجي اُن کان سواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي
16:107اِھو ھن ڪري آھي جو اُنھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادھ پسند ڪيو آھي ۽ (اِنھيءَ ڪري) تہ الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نہ ڪندو آھي
16:108اِھي اُھي آھن جو سندن دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن
16:109بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن
16:110وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُن کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي
16:111اُنھيءَ ڏينھن ھر ھڪ ماڻھو پنھنجي جيءَ طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھو جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نہ ڪبو
16:112۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قصو بيان ڪيو آھي جو امن ۽ سڪون سان ھو اُن کي سندس روزي ھر ڪنھن ھنڌان ججھي ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪري ڪيائين پوءِ جيڪي ڪندا ھئا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀوَ جي پوشاڪ (جو مزو) چکايو
16:113۽ بيشڪ منجھانئن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھئا
16:114پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي شئي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو تہ سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو
16:115مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شئي کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪجھ بہ) اوھان تي حرام نہ ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) تہ بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي
16:116۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھن ڪري) نہ چئو تہ ھيءَ حلال آھي ۽ ھيءَ حرام آھي تہ الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، ڇو تہ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نہ ڇٽندا
16:117۽ ھيءَ (حياتي) ٿوري موڙي آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
16:118۽ جيڪي تو تي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نہ ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھئا
16:119وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبھ ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبھ) کانپوءِ بلڪل ضرور بخشڻھار مھربان آھي
16:120ابراھيم ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نہ ھو
16:121الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس
16:122۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي
16:123(اي پيغمبر! اُن کان) پوءِ تو ڏانھن وحي ڪيوسون تہ ھڪ مُھاڙي ابراھيم جي دين جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نہ ھو
16:124جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نہ ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ اُنھيءَ جو ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن
16:125(اي پيغمبر!) حڪمت ۽ سھڻي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) دعوت ڏي ۽ سھڻي نموني ساڻن بحث ڪر، ڇو تہ جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (بہ) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي
16:126۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو تہ جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو اُنھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو تہ اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي
16:127۽ (اي پيغمبر!) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله جي توفيق سان ئي آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي تنگ دڪ ٿيءُ
16:128پڪ جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي



Share this Surah Translation on Facebook...